اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي مستقبل ۾ اعليٰ مقام ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??ون?? ملڪ جي پ??ڏي??ي پاليسي جيو پوليٽيڪل اثرن کان سڌو سنئون متاثر ٿي رهي آهي، ان صورتحال ۾ اسان کي پنهنجي جاگرافيائي مقام کي استعمال ڪري بهترين موقعا ڳولڻا پوندا، پاڪستان اهڙي خطي ۾ آهي جتي دنيا ۾ ٿيندڙ تبدليون سڌيون اثرانداز ٿينديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز جي 49 هين يوم تاسيس جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، پ??ڏي??ي وزير چيو ته اسان کي قوم طور پاڪستان کي بهترين پوزيشن ۾ آڻڻو آهي، اسان جا چين سان مضبوط لاڳاپا آهن، سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي جون نيون راهون کلند??ون?? اقتصادي ۽ سفارتي سطح تي اسان وٽ صلاحيت موجود آهي، هن چيو ته پاڪستان ماضي ۾ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان هاڻي به عالمي طاقتن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪ??ي سگهي ٿو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي ماڻهن ۾ ايتري صلاحيت آهي ته هو دنيا ۾ ڪٿي به ڪم ڪري سگهن ٿا، اسان جي پنهنجي نوجوانن لاءِ ترقي جا موقعا پيدا ڪ??ڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پ??ڏي??ي پاليسي جو سڌو سنئون اثر هر پاڪستاني جي زندگي تي پوندو آهي، اسان کي سوچڻ جي ضرورت آهي ته اسان هن وقت ڪٿي بيٺل آه??ون?? نوجوانن کي مثبت سرگرمين ۾ مصروف رکڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آه??ون?? پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز جي يوم تاسيس جي تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز آهي، ڇو ته ان اداري ??و بنياد سندس ناني اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو هو، هن چيو ته پ??ڏي??ي وزارت انسٽيٽيوٽ سان ويجهو تعاون جاري رکندي جنهن جو مقصد ملڪ جي پ??ڏي??ي پاليسي کي بهتر بڻائڻ آهي، هن چيو ته اسان کي پاڪستان جي عوام کي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين کان آگاهه رکڻ ۽ پنهنجي موقف کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، پ??ڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت سان تڪرارن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي هڪطرفي قدمن جي ذريعي ڪشمير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا قدم کڻي رهيو آهي جڏهن ته مئي ۾ حد بندي ڪميشن جا قدم ان جي هڪ ڪڙي آهي. پ??ڏي??ي وزير چيو ته ڀارت جي موجوده حڪومت هندوتوا ايجنڊا تي سرگرم آهي، اسلامو فوبيا ۽ بي جي پي اڳواڻن جي تازي ريمارڪس سان سنگين ماحول پيدا ٿي رهيو آهي ۽ ڀارت ۾ هندوتوا جي نظريي کي بالادست بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت کي مسئلا گذريل حڪومت کان ورثي ۾ مليا آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي.