اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي فيٽف ج??ن شرطون پوريون ٿيڻ ۽ وائيٽ لسٽ ۾ پاڪستان جي واپسي جي راهه هموار ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ”ٽيم پاڪستان“ کي مبارڪباد هجي جنهن پاڪستان جي لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي، گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي قومي ڪوشش ڪندڙ سموري سول ۽ ملٽري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي به مبارڪباد ڏيان ٿو، سندس قيادت ۾ ٽيم کي اها اهم ڪاميابي ملي، عسڪري قيادت کي فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي عمل تي مبارڪ، پاڪستان کي ملندڙ ان وڏي ڪاميابي تي ??وهان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. هن چ??و ته جي ايڇ ڪي?? ۾ ??رمي چيف جي قائم ڪيل ”ڪور سيل“ پاڪستان جي ان اهم ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، آڪٽوبر ۾ فيٽف ٽيم جي دوري کانپوءِ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪري ويندو، گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو نڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي، ايندڙ وقت ۾ پاڪستان کي وڌيڪ ڪاميابيون ملنديون. هن چ??و ته جنهن ٽيم ورڪ ۽ جذبي سان گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ جي ڪوشش ٿي، اها ئي قومي ڪوشش معيشت جي بحالي لاءِ به ڪري رهيا آهيون، قوم کي مايوسي، نااميدي ۽ معاشي ابتڙي مان ڪڍي تعمير، ترقي ۽ خوشحالي طرف واپس آڻينداسين.