فيصل آباد – 10 – آگسٽ (اي ??ي پي) آچر 14 آگسٽ تي آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان فيصل آباد ڊويزن جي سڀني وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ جڳهه جڳهه تي قومي ج??نڊ??، جھنڊيُون، اسٽيڪر، بيجز، ٽوپيون، ٽي شرٽس ۽ اهڙي طرح جو ٻيو سامان اسٽالن تي اچڻ شروع ٿي ويو آهي. جتي وڏي تعداد ۾ آزادي جي ڏهاڙي بابت انتهائي خوبصورت، دلڪش ۽ سجاوٽ جو سامان وڪري جي لاءِ رکيو ويو آهي. جنهن ۾ ٻار، پوڙها ۽ جوان ڀرپور دلچسپي وٺي رهيا آهن. ٻئي طرف سڀني اهم سياسي پارٽين به آ??ادي جي ڏهاڙي جون تقريبون پروقار طريقي سان ملهائڻ جو علان ڪيو آهي. سياسي پارٽين جي اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته آ??ادي جي ڏهاڙي جي موقعي ??ي فضول خرچي کان پاسو ڪيو ??ڃي ۽ پنهنجي رقم غريبن کي عطيو ڪري بي سهارن، يتيمن، مسڪينن، بيواهن ۽ ضرورتمند ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي. ته جيئن هو به آ??ادي جي ڏهاڙي جي خوشين ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن.