اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي ا??يل تي عالمي تنظيمن ۽ مالي ادارن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ جي فوري ا??داد جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يا?? موجب وزيراعظم شهباز شر??ف جي صدارت ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ عالمي حصيدارين سان اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي مالياتي ادارن، عالمي ڊيولپمينٽ، ڊونرز، چين، آمريڪا ۽ يورپي ملڪن، گڏيل قومن جي مختلف ذيلي ادارن ۽ صحت جي عالمي اداري جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم عالمي حصيدارن کي سڄ?? ملڪ ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي تباهين بابت آگاهه ڪيو. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنحسين وزيراعظم کي ورلڊ بئنڪ پاران 350 ملين ڊالر جي فوري ا??داد بابت آگاهه ڪيو. هن خصوصي طور تي وزيراعظم جي فلڊ ريليف ڪيش پروگرام کي ساراهيو. ورلڊ بئنڪ اها امداد هلندڙ هفتي جي آخ?? تائين مڪمل طور تي فراهم ڪندي. ان کانسواءِ انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ نقصانن جي ڪاٿي کانپوءِ ٺوس منصوبابندي سان پاڪستان سان ورلڊ بئنڪ پاران تعاون ڪيو ويندو. گڏيل قومن جي ذيلي اداري ورلڊ فوڊ پروگرام ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 110 ملين ڊالر جي ا??داد جو اعلان ڪيو جڏهن ته ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ 20 ملين ڊالر ۽ يو ڪي ا??ڊ 1.5 ملين پائونڊ جي فوري ا??داد جو اعلان ڪيو. ان کانسواءِ يو ڪي ا??ڊ پاران ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ وچولي ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن جي لاءِ 38 ملين پائونڊ جو پڻ اعلان ڪيو ويو. عالمي تنظيمن جي نمائندن وزيراعظم شهباز شر??ف جي ٻوڏ متاثرين جي فوري بحالي جي قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف فلڊ ريليف ڪيش پروگرام تحت 25 هزار في خاندان امداد جي لاءِ عالمي ادارن پاران هن ئي هفتي ا??داد جي منتقلي يقيني بڻائي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته عالمي ادارن ۽ تنظيمن جي مشڪل ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي مدد جي قدم جي آجيان ڪريون ٿا، حڪومت ٻوڏ متاثرين جي فوري ريسڪيو ۽ بحالي جي لاءِ پنهنجي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت مشڪل معاشي صورتحال ۾ هجڻ جي باوجود فلڊ ريليف ڪيش پروگرام شروع ڪيو آهي، حڪومت ترجيحي بنيادن تي ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريل??ف جي لاءِ آپريشن ڪري رهي آهي، ريسڪيو کانپوءِ حڪومت ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي جي تعمير تي ڪم ڪندي.