نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري ??مل??تي وزير حنا رب??ني کر ??يو آهي ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي فروغ ۽ تحفظ کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي آئين ۾ انهن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويو آهي ۽ عدليه انهن کي برقرار رکيو آهي. ??مل??تي وزير اها ڳالهه نيويارڪ ۾ آمريڪا جي عالمي مذهبي آزادي بابت سفير رشاد حسين سان ملاقات دوران چئي. هن ??يو ته پاڪستان جي پارليامينٽ اقليتن سميت سمورن شهرين جي انس??ني حقن جي تحفظ کي تمام گهڻي سنجيدگي سان وٺي ٿي، مذهبي هم آهنگي پاڪستان جي طاقت آهي ۽ مذهبي اقليتون پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن ??يو ته پارليامينٽ، عدليه ۽ خدمتن ۾ انهن جي نمائندگي آهي، انهن کي سياسي طور تي ٺوس بڻائڻ ۽ انهن جي نمائندگي وڌائڻ جي شعوري ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ??مل??تي وزير ??يو ته ڀارت ۾ وڌندڙ عدم برداشت، انتهاپسندي ۽ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ڪشميرين جي خلافل مسلسل ڏاڍ عالمي برادري خ??ص طور تي آمريڪا جي لاءِ شديد ڳڻتي جو سبب هجڻ گهرجي. رشاد حسين پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ملڪيتن ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن مذهبي آزادي سان لاڳاپيل معاملن تي آمريڪا سان پاڪستان جي مسلسل رابطن کي ساراهيو.