اسلام آباد-05 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن ۽ ڊپٽي چيئرمين اين ايف آر سي سي احسن اقبال جي صدارت هيٺ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال، چيئرمين اين ڊي ايم ليفٽيننٽ جنرل اخترنواز، وفاقي و??ير نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ طارق بشير چيما، صوبائي سيڪريٽري زراعت سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻوڏ متاثر عل??ئق?? ۾ ربيع جي فصل خاص طور تي ڪڻڪ ۽ تيلي ٻجن جي رٿابندي ۽ آبادگارن کي رليف پهچائڻ لاءِ قدمن جو جائزو ورتو، متاثر عل??ئق?? ۾ ڪڻڪ ۽ تيلي ٻج جي ورڇ جي مڪينزم ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان قدمن جو جائزو به ورتو. وفاقي و??ير احسن اقبال چيو ته متاثر عل??ئق?? ۾ ٻجن جي ورڇ جي عمل کي هر صورت ۾ شفاف بڻايو ويندو. فورم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پوک جي لائق ايراضي جو وڏو حصو متاثر ٿيو آهي. بوڏ جي صورتحال کي پوکي جي حوالي سان موقعن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بلوچستان جي اختيارين ٻڌايو ته ٻجن لاءِ آبادگارن کي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏئي رهيا آهيون. فورم چيو ته جن عل??ئق?? ۾ 30 نومبر تائين پاڻي نيڪال ٿي ويندو ته ڪڻڪ پوکي ويندي، جڏهن ته 30 نومبر تائين پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ته اتي تيلي ٻج پوکيا ويندا. پاڻيءَ هيٺ آيل ايراضيءَ کي پوک جي قابل بڻائڻ لاءِ ڪوالٽيٽو جائزو ورتو ويندو ته جيئن امدادي سرگرمين جي نظام کي بهتر بڻائي سگهجي. احسن اقبال چيو ته صوبن جي ضرورت جو 50 سيڪڙو ٻج وفاقي حڪومت فراهم ڪند??. ن??شنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي و??ير فورم کي ٻُڌايو ته ٻج ججهي مقدار ۾ موجود آهي، ٻوڏ متاثر عل??ئق?? ۾ جتي ضرورت ٿي ٻج فراهم ڪنداسين، سنڌ ۽ بلوچستان جي متاثر عل??ئق?? ۾ فوري ڪم شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. فورم هدايت ڏني ته صوبا 10 آڪٽوبر تائين پوک جي قابل ايراضي ۽ ٻج جي ضرورتن کان آگاهه ڪن.