اسلام ڪوٽ – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿر ڪول کي معاش?? ترق?? جي لاءِ گيم چينجر قرار ڏيندي چيو آهي ته 1996ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جڏهن هن علائق?? جي دوري تي آئي ته هتي صحرا هو پر هاڻي ٿر تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، ٿر ڪول منصوبو علائق?? جي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي. دنيا ۾ ڪوئل?? جي قيمت 67 ڊالر في ٽن مان گهٽ ٿي 44 ڊالر تي ??چي وئي آهي ۽ اها وڌيڪ گهٽ ٿي 30 تائين اچڻ جو امڪان آهي، ٿر جي ڪوئلي سان هن وقت پيدا ٿيندڙ بجل?? جي جيڪا قيمت آهي اها گهٽ ٿي 10 رپيا في يونٽ ٿي ويندي، ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪندڙ سمورن پاور پلانٽس کي ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ٿيڻو پوندو، سي پيڪ تحت توانائ?? جي شعبي ۾ سيڙپڪاري چين جو تمام وڏو تحفو آهي، ريلوي لنڪ سان ٿر جي ڪوئل?? جي سڄي ملڪ ۾ پهچ ۾ آساني ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٿر انرجي بلاڪ ٽو ۽ ٿر ڪول مائنز ٽو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، بجلي وارو وفاقي وزير خرم دستگير خان، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، سنڌ و وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ ۽ ٻيون اهم شخصيتون موجود هيون. وزيراعظم چيو ته مشڪلاتن جي باوجود منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي حبڪو چيئرمين ۽ ان جي ٽيم سميت س??ني کي مبارڪباد ڏيان ٿو. 1996ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جڏهن هن علائق?? جي دوري تي آئي ته هتي صحرا هو پر هاڻي ٿر تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي. ٿر ڪول منصوبو علائق?? جي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي. دنيا ۾ ڪوئل?? جي قيمت 67 ڊالر في ٽن مان گهٽ ٿي 44 ڊالر تي ??چي وئي آهي ۽ اها وڌيڪ گهٽ ٿي 30 تائين اچڻ جو امڪان آهي، ٿر جي ڪوئلي سان هن وقت پيدا ٿيندڙ بجل?? جي جيڪا قيمت آهي اها گهٽ ٿي 10 رپيا في يونٽ ٿي ويندي. ٿر ڪول جديد ٽيڪنالاجي سان مڪمل ٿيندڙ منصوبو آهي. ٿر جي ڪوئلي سان بجيل جي پيداوار سان وڏي پرڏيهي ناڻ?? جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ٿر ۾ 175 ملين ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن ۽ هڪ لک ميگاواٽ بجل?? جيڪڏهن اسان پيدا ڪريون ته اهو 300 سالن جو خزانو آهي. اسان کي اهڙي پاليسي ٺاهڻ گهرجي جو ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪرڻ جا 4 هزار ميگاواٽ جا جيڪي ڪارخانا آهن انهن کي به ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪيو وڃي. دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن جي ڪري اسان کي سنجيدگي سان ان تي غور ڪرڻو پوندو. توانائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ 24 ارب ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن، ڪوئلي مان فائدو کڻي ملڪي صنعتون ترقي ڪنديون، سستي مصنوعات پيدا ٿينديون. عورت ٽرڪ ڊرائيور سان به ملاقات ٿي آهي. ٿر ۾ حڪومت جي قدمن سان هزارين ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا ميسر ??چي رهيا آهن. هن چيو ته سي پيڪ ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي ۽ توانائ?? جي شعب?? جي حوالي سان قدمن جو جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان فائدو نه کڻڻ ۽ قوم جي محرومين کي گهٽ نه ڪرڻ تمام وڏي غلطي آهي. ٿر جي ڪوئلي سان پوري پاڪستان کي فائدو ڏئي سگهجي ٿو. ڪوئل?? جي پهچ جي لاءِ ريلوي جو هڪ ٺوس نظام بڻائڻو پوندو. ان حوالي سان وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون گڏجي ڪم ڪنديون. سنگل ريلوي لائين جي لاءِ معاهدو ٿي چڪو آهي. ريلوي جو منصوبو مڪمل ٿي ويو ته ان سان ٿر جو ڪوئلو ملڪ جي چئني طرف پهچندو ۽ ساليانو 5 کان 6 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي. بجل?? جي پيداوار جي ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ حبيب بئنڪ، چائنا ڊيولپمينٽ بئنڪ مالي معاونت ڪئي آهي. ٿر ڪول ملڪي معاش?? ترق?? جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو.