اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته عالمي معيشت کي درپيش خطرن کي روڪڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ جي لاءِ نئين سوچ، جرئتمنداڻي ويزن جي ضرورت آه??. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي روانو ٿي رهيو آه??ان. هن چيو ته عالمي معيشت جي موجوده صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آه?? ته معيشت کي درپيش مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ جي لاءِ نئين سوچ ۽ جرئتمنداڻو ويزن اختيار ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته معيشتن کي نقصان پهچندڙ عالمي ٻاڙائي سان معيشت کي خطرن بابت شديد خدشا آه??. وبا ۽ آبهوا سان پيدا ٿيندڙ آفتن اڳ ۾ ئي اسرندڙ ملڪن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آه??. وقت اچي ويو آه?? ته د??يا بامقصد ڳالهين جي ذريعي وڌندڙ چئلينجن جو حل ڳولي.