اسلام آباد?? 16 ??? جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عبدالطيف ??فر??دي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آ??ي ته عبدالطيف ??فر??دي مظلومن جو مضبوط آواز هو، هو حق ڳالهائيندڙ ۽ سچو انسان هو، ان جي بي رح??اڻي قتل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بار روم جي اندر اهڙي قسم جي بي رح??اڻي ڪارروائي امن امان جي سنگين صورتحال جو مظهر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عبدالطيف ??فر??دي جي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي لاءِ جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.