اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ??هي ته والاريل علائقي ۾ ڀارتي فوج هٿان وڏي پئماني تي انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري آهن. پرڏيهي آفيس جي تر??مان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ??ه والاريل علائقي ۾ نوجوا?? ڪشميري شمس الدين ولد جمال الدين اڌم پور جي هڪ جاچ مرڪز ۾ تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ شهيد ٿي ويو، جنهن کي اٽڪل هڪ مهينو اڳ گهر مان گرفتاري کانپوءِ مسلسل تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. پرڏيهي آفيس جي تر??مان چيو ??ه شمس الدين گم ٿيل پهريو?? ڪشميري نوجوان نه آهي ۽ نه اهو انساني حقن جي پائمالي جو پهريون واقعو آهي. هن چيو ??ه والاريل ڪشمير ۾ نوجوانن کي هراست دوران ۽ فرضي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي. تر??مان چيو ??ه اسان والاريل ڪشمير ۾ حراست ۾ ٿيندڙ فوتگين بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ??ه اهڙي غيرانساني ڪاررواين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جي ذميوارن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي. تر??مان ان ڳالهه کي ورجايو ??ه پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.