پشاور – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي وزيراعليٰ هائو?? پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير، چيف ??يڪريٽري، خيبرپختونخواهه جي آءِ جي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس موجب اجلاس ۾ صوبي ۾ سيڪيورٽي جي مختلف رخن تي روشني وڌي وئي. صدر کي دهشتگردي جي سببن ۽ روڪڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي صدر خيبرپختونخوا??ه پوليس سميت سيڪيورٽي ادارن جي خدمتن ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو.