اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي اسڪولن کان ٻاهر اٽڪل 23 ملين ٻار?? کي روايتي طريقن کان هٽي ڪري تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ جي لا??ِ جديد حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم جي نئين طريقن ۽ ٽيڪنڪ?? کي عام ڪرڻ جي لا??ِ واپارين ۽ سيڙپڪارن سميت سمورن حصيدار?? کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آئي) پاران منعقد ”ايجوڪيشن ايڪسي لينس ريڪگنيشن“ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو انگ پريشان ڪندڙ آهي. يونيسيف تازي ٻوڏ کانپوءِ اسڪول نه ويندڙ ٻارن بابت پنهنجي تازي رپورٽ ۾ اهو انگ 27 ملين ٻڌايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انهن ٻارن جي روايتي طريقن سان داخلائن ۽ انهن جي لا??ِ اسڪولن جي تعمير ۾ وقت لڳندو. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جديد ترين علم ۾ حيران ڪندڙ اڳڀرائين سان تيز رفتاري سان اڳتي وڌي رهي آهي. صدر چيو ته حڪومت تعليم جي نئين طريقن ۽ ٽيڪنيڪن سان جديد ترين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي عام ڪرڻ چاهي ٿي پر ٻين ڌرين بشمول صنعتڪارن ۽ واپاري?? کي به ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لا??ِ اڳتي اچڻ گهرجي. هن چيو ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي انگ جي مسئلي هڪ سواليه نشان اٿاري ڇڏيو آهي ۽ سڀني کي ان جو فوري ۽ آئوٽ آف باڪس حل ڳولڻ گهرجي. صدر چيو ته ملڪ کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدانن ۾ تازين تبديلين سان هم آهنگ ٿيڻ جي ضرورت آهي، ان مقصد جي لا??ِ حقيقتن تي ٻڌل هڪ ٺوس موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم جو شعبو هاڻي صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي ۽ سمورا صوبا پنهنجي بجيٽ جو اٽڪل 20 کان 28 سيڪڙو ان شعبي تي خرچ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪجهه پاڙيسري ملڪن ۾ اسڪول ويندڙ ٻارن جو تناسب 98 کان 100 سيڪڙو جي وچ ۾ آهي پر پاڪستان ۾ اهو تناسب 68 سيڪڙو آهي. صدر چيو ته اهو به قدرت جو قانون آهي ته اهي قومون مختلف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن ٿيون جيڪي نئين ۽ جديد نظرين جي جستجو ڪن ٿيون. هن اعليٰ تعليمي سطح تي شاگردن جو انگ وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ روايتي رويي کي ترڪ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪراچي ۾ اٽڪل 60000 شاگردن ايف ايس سي جي سطح تي امتحانن ۾ حصو ورتو پر رڳو 7000 شاگرد ئي اعليٰ سطح جي تعليم حاصل ڪري سگهيا. پاڙيسري ملڪن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪند?? شاگردن جو تناسب 26، 25 سيڪڙو تائين پهچي ويو. صدر هڪ جهڙي قومي نصاب ??ي اهميت تي پڻ روشني وڌي. هن چيو ته ٽولز ۽ اوزار دستياب ??هن ۽ وقت جي ضرورت آهي ته اهي پنهنجي ايندڙ نسل?? کي بنيادي سماجي قدرن جي فراهمي سان گڏوگڏ هنر ۽ جديد تعليم سان ليس ڪرڻ جي لا??ِ انهن جو استعمال ڪيو وڃي. هن جديد اوزارن جي ذريعي تبديليون آڻڻ جي لا??ِ معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي ۽ واپاري ۽ صنعتڪار نوجوان ٽيلينٽ کي استعمال ڪري ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته آڊيو ۽ وڊيو ليڪ جو معاملو غيرلاڳاپيل هو ڇو ته اهو رازداري جي خلاف ورزي جي برابر آهي ۽ ا?? کي ”غيبت“ سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. ان کان اڳ صدر مختلف شخصيتن ۽ ادارن ۾ تعليمج ي شعبي ۾ انهن جي خدمتن جي اعتراف ۾ شيلڊز ۽ ايوارڊز ورهايا.