اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پ??ڪستان جي سيڪيورٽي ايجنسي پ??ران دهشتگرد گلزار امام شمبي کي گرفتار ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته آئون پاڪستان جي انٽيلي جنس ايجنسي کي انتهائي نفيس ۽ گهري آپريشن کانپوءِ ان گرفتاري تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ح??يق?? ۾ اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي. صدر چيو ته اهڙي طرح جون منصوبابند ڪارروايون بلوچستان ۾ امن ۽ خوشحالي آڻڻ ۾ تمام گهڻيون مددگار ثابت ٿينديون. صدر چيو ته آئون آءِ ايس آءِ، ان جي قيادت ۽ عملي جو ٿورائتو آهيان جن ??ن آپريشن ۾ حصو ورتو ۽ ان کي ڪامياب بڻايو.