اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چي?? آهي ته پاڪستان کي معاشي، سماجي ۽ سي??يو??ٽي سميت مختلف محاذن تي چئلينجز درپيش آهن ۽ حڪومت انهن چئلينجز مان سرخرو ٿيڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 27.5 ملين ٽن ڪڻڪ جي بمپر پيداوار ٿي آهي جنهن سان معاشي استحڪام لاءِ هاڪاري نتيجا نڪرندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد سي??يو??ٽي ڊائيلاگ جي افتتاحي تقريب کي خط??ب ڪندي ڪيو. اها تقريب نيشنل سي??يو??ٽي ڊويزن ۽ پرڏيهي وزارت منعقد ڪئي. تقريب ۾ سيفران ۽ پرڏيهي وزارت جي رٽائرڊ آفيسرن به شرڪت ڪئي. وفاقي وزير احسن اقبال چي?? ته 2013ع کان 2018ع جي وچ ڌاري حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پر بدقسمتي سان پاليسين جي عدم تسلسل ۽ گذريل حڪومت جي نااهلي سبب ملڪ ۾ دهشتگردي هڪ دفعو ٻيهر اڀرڻ لڳي. هن چي?? ته موجوده حڪومت قومي اتفاق راءِ سان دهشتگردي جي پاڙ کان پٽڻ لاءِ پرعزم آهي، دهشتگردي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن چي?? ته پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن ۽ انهن قربانين کي رائيگان نه وڃڻ ڏنو ويندو. عالمي امن جي قيام لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان پاڪستان پنهنجي تجربن جي مٽاسٽا باقي دنيا سان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چي?? ته پاڪستان، افغانستان سميت پوري خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان پرامن ۽ مستحڪم پاڪستان لاءِ اڻٽر آهي. احسن اقبال چي?? ته پاڪستان ڀارت سميت پنهنجي سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهترين لاڳاپن جو علمبردار آهي. گڏيل حڪومت معاشي استحڪام لاءِ ننڍي مدي ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن جو آغاز ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ جي حڪمت عملي جو آغاز ڪيو آهي. هن چي?? ته 5 اي فريم ورڪ تحت روانگي واپار ۾ اضافو، توانائي بحران جي خاتمي، ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي بنياد تي گورننس جي قيام، تعليمي شعبن ۾ نواڻ لاءِ سهولتن جي فراهمي ۽ هر زندگي جي شعبي ۾ سمورن طبقن جي هڪجهڙي حصيداري کي يقيني بڻائڻ شامل آهي. پاڪستان ڪوپ 27 ۾ ماحوليات جي حوالي سان پنهنجو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهيو ۽ دنيا جي سامهون پاڪستان کي موسمياتي تبديلين ۽ ان جي اثرن بابت آگاهه ڪيو. هن چي?? ته حڪومت اسلام آباد سي??يو??ٽي ڊائيلاگ جي سفارشن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي.