اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي سروي 23-2022ع مطابق جاري مالي سال دو??ان اقتصادي ترقيءَ جي اؤسر واري شرح 0.29 سيڪڙو رهي جڏهن ته معيشت جي ڳاڻيٽي ۾ 27.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق جاري مالي سال ۾ زرعي شعبي جي اؤسر واري شرح 1.55 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل سال دو??ان 4.27 سيڪڙو هئي. صنعتي ترقيءَ جي اؤسر واري شرح ڪاٽو 2.94 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دو??ان 6.83 سيڪڙو هئي. مينيوفيڪچرنگ جي اؤسر واري شرح ڪاٽو 3.91 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دو??ان 10.86 سيڪڙو هئي. اڏاوتن جي شعبي جي اؤسر واري شرح ڪاٽو 5.53 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دو??ان 1.90 سيڪڙو هئي. بجلي، گيس، پاڻي جي فراهمي سميت انڊسٽريءَ جي ذيلي شعبن ۾ اؤسر واري شرح 6 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دو??ان 3.14 سيڪڙو هئي. خدمتن جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 0.86 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دو??ان 6.19 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي. هول سيل اينڊ ريٽيل ٽريڊ جي اؤسر واري شرح 4.46- سيڪڙو رهي، جيڪو گذريل مالي سال دو??ان ان شعبي جي اؤسر واري شرح 10.3 سيڪڙو هئي. ان شعبي جو دارومدار گهڻو ڪري زراعت ۽ صنعتي شعبي جي ڪارڪردگي تي ٿئي. ٽرانسپورٽ اينڊ اسٽوريج جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 4.73 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دو??ان 4.09 سيڪڙو هئي. رهائش ۽ خوراڪ جي شعبي بابت خدمتن ۾ ترقيءَ جي شرح 4.11 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دو??ان 4.08 سيڪڙو هئي. آءِ ٽي اينڊ ڪمي??ني??يشن جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 6.93 سيڪڙو هئي جيڪو گذريل مالي سال جي عرصي دو??ان 16.32 سيڪڙو هئي. ان شعبي جي بهترين ڪارڪردگي سبب پي ٽي اي جي محصولن ۾ واڌ ٿي آهي. ان سال معيشت جي ڳاڻيٽي ۾ 27.1 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ هي 84658 ارب رپيا جيڪو گذريل مالي سال جي عرصي دو??ان 66624 ارب رپيا هو. في ڪس آمدني 1568 ڊالر رهي. جيڪو گذريل مالي سال دو??ان هي 1765 ڊالر هئي. اهڙيءَ طرح 11.2 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي جنهن جو اهم سبب ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي، جي ڊي پي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ آباديءَ ۾ واڌ آهي. مجموعي سيڙپڪاريءَ ۾ 10.2 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذريل سال ۾ 29.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هي جي ڊي پي جو 13.6 سيڪڙو رهيو. مالي سال 22ع دو??ان هي جي ڊي پي جو 15.7 سيڪڙو هو. نجي سيڙپڪاريءَ ۾ 6.18 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو گذريل مالي سال دو??ان 27.66 سيڪڙو هئي. نجي سيڙپڪاري جي ڊي پي جو تقريبن 8.8 سيڪڙو آهي جيڪو گذريل مالي سال 22ع دو??ان 10.5 سيڪڙو هئي. حڪومتي سيڙپڪاريءَ ۾ 14.10 سيڪڙو اضافو ٿيو. جيڪو گذريل مالي سال دو??ان ان ۾ 39.27 سيڪڙو اضافو ٿيو. حڪومتي سيڙپڪاري جي ڊي پي جو تقريبن 3.1 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل مالي سال دو??ان 3.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. قومي بچت ۾ 44.7 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. گذريل سال دو??ان هي ڪاٽو 3.8 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي. قومي بچت جي ڊي پي جو 12.6 سيڪڙو آهي، جيڪو گذريل مالي سال دو??ان 11.1 سيڪڙو هئي.