اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ ف??ڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ مجموعي طور تي 3 ارب رپين جا فنڊز رکي?? ويا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ ف??ڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ فنڊز رکي?? ويا آهن. فلم فنانس فنڊ جي لاءِ 2 ارب ر??يا ۽ ف??ڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب ر??يا رکي?? ويا آهن. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته گڏيل طور تي اهي قدم اسان جي فلم انڊسٽري جي ترقي ۽ ف??ڪارن جي ڀلائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته اهو قدم فلمن جي ذريعي پاڪستان جي بيانيي، ورثي ۽ ثقافت جي فروغ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ اسڪرين ٽوئرازم جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.