هنزه – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگت بلتستان ۾ بجلي جي مسئلن جي جلد کان جلد حل جي خاطري ڪرائيندي لاڳاپيل عملدارن کي گلگت بلتستان ۾ نجي شعبي سان گڏجي مقامي طور تي بجلي جي پيداوار جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، نگران وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مواصلاتي نظام جي نئين سر تعمير ۽ بهتري جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??را??ظم انوارالحق ڪاڪڙ واديءَ هنزه جو دورو ڪيو. دوري ۾ نگران وز??را??ظم هنزه جي سياسي قيادت، اڳواڻن ۽ سماجي شخصيتن سان ملاقات ڪئي ۽ قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي منصوبي هنر کن جو دورو ڪيو. هنزه جي سياسي قيادت ۽ اڳواڻن نگران وز??را??ظم کي هنزه ۾ بجلي جي بحران، ضلعي هنزه جي آبادي جي تناسب جي حساب سان گلگت بلتستان اسيمبلي ۾ اضافي سيٽن جي فراهمي ۽ ٻين مسئلن کان آگاهه ڪيو. نگران وز??را??ظم وفد کي گلگت بلتستان ۾ بجلي جي مسئلي جي جلد کان جلد حل جي خاطري ڪرائي. نگران وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت بلتستان ۾ نجي شعبي سان معاهدن جي ذريعي مقامي طور تي بجلي جي پيداوار جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي سياسي قيادت نگران وز??را??ظم کي سياحت جي شعبي کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. وفد نگران وز??را??ظم کان گلگت بلتستان جي مختلف حصن کي هوائي سفر جي ذريعي ڳنڍڻ جو مطالبو ڪيو. نگران وز??را??ظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مواصلاتي نظام جي نئين سر تعمير جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. سياسي قيادت نگران وز??را??ظم کان گلگت بلتستان ۾ اليڪشن قومي سطح جي اليڪشن سان گڏ منعقد ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. نگران وز??را??ظم چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان کي هدايت ڪئي ته هو اج??اس ۾ بيان ڪيل مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ ۾ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جو اڳوڻو گورنر مير غضنفر علي خان، گلگت بلتستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر راني عتقيه، گلگت بلتستان اسيمبلي جو ميمبر ڪرنل (ر) عبيدالله بيگ، گلگت بلتستان اسيمبلي جي ميمبر دلشاد بانو ۽ ٻيون سياسي ۽ سماجي شخصيتون شامل هيون. بعد ۾ نگران وز??را??ظم هنزه ۾ قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيسن جي منصوبي ”هنر کن“ ۾ موجود ڪاڊو ڊيجيٽل هب ۽ خصوصي ماڻهن جي بحالي جي سينٽر جو دورو ڪيو. دوري دوران نگران وز??را??ظم مقامي انتظاميا کي قراقرم ايريا ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي مقامي آبادي جي ڀلائي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. دوري ۾ نگران وز??را??ظم ڪاڊو هنر کن جي هوشيار فري لانسر شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ملاقات ڪئي. نگران وز??را??ظم چيو ته گلگت بلتستان جي نوجوانن ۾ گلگت کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو جوش ۽ ولولو انتهائي خوش آئنده آهي.