نيويارڪ ??? 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگر??ن پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن م??جب نيويارڪ ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻا??ڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات دوران گڏيل عرب امارات جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي مختلف منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.