بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بيجنگ ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) ۾ شرڪت ڪئي. بي آر ايف جي اعليٰ سطحي جي فورم کي ”آزاد عالمي معيشت ۾ رابطن جي اهميت“ جي موضوع تي فورم کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم ٽئين بي آر آئي فورم جي ڪامياب انعقاد تي چيني قيادت کي مبارڪباد ڏني. هن گڏيل مستقبل ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽوج?? عالمي ڪميونٽي جي صدر شي جي ويزن کي ساراهيو جيڪو عالمي رابطي، گڏيل ت??قي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. هن صدر شي جن پنگ جي منظرعام تي ايندڙ 8 نقاطي ايجنڊا جي حمايت پڻ ڪئي. بي آر آئي جي فليگ شپ منصوبي جي طور تي چين ??اڪ??تان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پنهنجي 10 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ??اڪ??تان ۾ نوان اقتصادي موقعا پيدا ڪرڻ ۾ سي پيڪ جي اهم ڪر??ار کي اجاگر ڪيو. ??اڪ??تان جي مضبوط اقتصادي ت??قي جي لاءِ ان جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن سي پيڪ کي ترقي، جدت، روز??ار جي ذريعي، سبز معيشت، آزاداڻي ۽جامعيت جي لنگهه جي چيني تجويز جي توثيق ڪئي. نگران وزيراعظم بني نوع انسان کي درپيش مُشڪل عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل قومن جي پائي??ار ت??قي جي هدفن ۽ 2030ع جي ايجنڊا تحت حاصل ٿيندڙ ڪاميابين ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ متفقه عالمي ردعمل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چرپر، توانائي ۽ ڊيجيٽل معيشت ۾ سيڙپڪاري ڪري اسرندڙ دنيا ۾ بنيادي ڍانچي جي خال کي ختم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو.