اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ن??ران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سپريم ڪورٽ بار ايس??سي??يشن جي سالياني چونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن، قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي فروغ ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري ن??ران وفاقي وزير سپريم ڪورٽ بار ايس??سي??يشن جي نئين چونڊيل صدر شهزاد شوڪت، سيڪريٽري علي عمران سيد سميت ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته انصاف کانسواءِ ترقي يافته معاشري جو قيام ممڪن نه آهي. هن چيو ته وڪيل بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ پل جو ڪردار اد?? ڪن ٿا. نوان چونڊيل عهديدار آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمران?? جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار اد?? ڪندا رهندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته سپريم ڪورٽ بار جو فاتح پينل وڪيل برادر?? جي مسئلن جي حل سميت اهم عدالتي معاملن ۾ مثبت ۽ موثر ڪردار اد?? ڪندو.