اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي)وزيراعظم پاڪستان جي يوٿ ليپ ??اپ اسڪيم تحت آزاد ڄمون ڪشمير ۾ سرڪاري شعبي ۾ قائم پنجن يونيورسٽين ۾ اڍائي هزار کان وڌيڪ ليپ ??اپ ورهائڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي، ان پروگرام تحت بي ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي سميت ٻين سمورن ڊگري پروگرامن ۾ اعليٰ تعليمي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن??ڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميرٽ جي بنياد تي مفت ليپ ??اپ مهيا ڪيا پيا وڃن. جاري ڪيل پريس رليز موجب ڪشمير مظفر آباد يونيورسٽي جي ڪنگ عبدالله ڪيمپس ۾ ليپ ??اپ ورهائڻ جي هڪ شاندار تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ مختلف ڊگري پروگرامن ۾ تعليم حاصل ڪن??ڙ 787 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ اعليٰ معيار جا ليپ ??اپ ورهايا ويا. تقريب کي ڪشمير مظفر آباد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد ڪليم عباسي، هائير ايجوڪ??شن ڪم??شن پاڪستان جي ڊپٽي ڊائريڪٽر / وزيراعظم پاڪستان جي يوٿ ليپ ??اپ اسڪيم بابت فوڪل پرسن قائم علي شاهه ۽ ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ??اپ ورهايا. تقريب ۾ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي ڊين، شعبن جي سربراهن، پرنسپل آفيسرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻي جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڪنگ عبدالله ڪيمپس جي آڊيٽوريم ۾ ٿيل ان تقريب کي خطاب ڪ??دي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ڪليم عباسي ميرٽ تي ليپ ??اپ حاصل ڪن??ڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مبارڪو ڏنيون ۽ چيو ته ليپ ??اپ جي سهولت ميسر اچڻ کانپوءِ شاگردن کي انٽرنيٽ ذريعي جتي تعليم ۽ تحقيق جي جديد ذريعن ۽ وسيلن تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي اتي دنيا جي مختلف ملڪن جي يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن سان رابطا قائم ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿيندا. وائيس چانسلر وفاقي حڪومت ۽ هائير ايجوڪ??شن ڪم??شن آف پاڪستان طرفان آزاد ڪشمير جي هوشيار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ليپ ??اپ مهيا ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪن??ي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هدايت ڪئي ته هو ان سهولت کي تعليم ۽ تحقيق لاءِ استعمال ڪن. هن چيو ته آزاد ڄمون ڪشمير يونيورسٽي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته ان جي ڪل 280 فيڪلٽي ميمبرن مان 150 پي ايڇ ڊيز آهن ۽ انهن مان به اڪثريت ٻاهرين ملڪ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪ??دي هائير ايجوڪ??شن ڪم??شن پاڪستان جي نمائندي سيد قائم علي شاهه چيو ته هن اسڪيم تحت سڄي ملڪ جي يونيورسٽين جي 652000 شاگردن ليپ ??اپ لاءِ اپلائي ڪيو هو جن ۾ آزاد ڪشمير جي پنج يونيورسٽين جا اڍائي هزار شاگرد به شامل آهن جن کي هي ليپ ??اپ سندن تعليمي ڪارڪردگي ۽ ميرٽ جي بنياد تي مهيا ڪيا پيا وڃن.