تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ازبڪستان جي ??در شوڪت مرزيوئيف ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اج??اس جي موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمهوريه ازبڪستان جي ??در شوڪت مرزيوئيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم سربراهي اج??اس جي ڪامياب انعقاد تي ازبڪ ??در کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن سياسي، واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن سميت مختلف ??عب?? ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفي تعاون جي وڌندڙ سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي نگران وزيراعظم ان رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو پي ٽي ٽي اي) جي فعال ٿيڻ سان اقتصادي تعاون تنظيم واپاري معاهدي (ايڪوٽا) کي هموار ڪرڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي فروغ ملندو. ٻنهي اڳواڻن ع??ائ??ائي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ع??ائ??ائي رابطن جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ??در مرزيوئيف غزه ۾ جاري انساني بحران ۽ ٻي ع??ائ??ائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيال جي ڏي وٺ ڪئي.