اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ا??وا??الحق ڪاڪڙ ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪ??دي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ س??ارتي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب نگران وزيراعظم ا??وا??الحق ڪاڪڙ سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري ا??وا??الحق ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم کي آزاد ڪشمير جي دوري جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي آزاد ڪشمير ۾ توانائي، پاڻي ذخيرن، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين شعبن جي پراڻي مسئلن جي حل تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم ا??وا??الحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪ??دي چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي سياسي، اخلاقي ۽ س??ارتي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي امنگ?? موجب ڪشمير مسئلي جي حل تائين پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل رهندو. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري دائود محمد باريچ پڻ موجود هو.