اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل عرب امارات کانپوء?? 28 ??? 29 نومبر تي ڪويت جو ٻطرفو دورو ڪندو. پنهنجي دوري دوران نگران وزيراعظم ڪويت جي ولي عهد شيخ مشعل الجابر الصباح ۽ وزيراعظم شيخ احمد نواف الاحمد الصباح سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ان دوري ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات جي ڳولا، غذائي تح??ظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبي ۾ مفاهمت جي مختلف ياداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڇهن ڏهاڪن تي ٻڌل گهرا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، سال 2023ع کي ٻنهي ملڪن ج?? سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 60 هين سالگرهه طور تي ملهايو پيو وڃي.