اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون 8 فيبروري تي ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سپريم ڪورٽ آف پ??ڪس??ان جي حڪم تي چيف اليڪشن ڪمشنر آف پ??ڪس??ان سڪندر سلطان راجا اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ ۽ اليڪشن ڪميشن آف پ??ڪس??ان جي چئن ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مل?? ايندڙ عام چونڊون منعقد ڪ??ڻ جي ل??ءِ تاريخ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر اليڪشن ڪميشن پاران تڪبندين ۽ چونڊن جي حوالي سان ڪيل اڳڀرائي کي ٻڌو. تفصيلي بحث کانپوءِ اجلاس ۾ متفقه طور تي ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.