اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ انساني حقن ??ي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪ??مير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين ??ي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي قابض فوج والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري رکيون آهن، آڪٽوبر ۾ قابض فوج 17 ڪشميرين کي شهيد ۽ 10 کي زخمي ڪيو. ترجمان چيو ته ٻه سئو کان وڌ??ڪ گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۽ گهرن تي ڇاپن دوران گهرن کي تباهه ۽ 78 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته اهي ڪارروايون گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي عڪاسي ڪن ٿيون. ترجمان چيو ته تاريخ ثابت ڪيو آهي ته انساني حقن جي مقامي حالتون ۽ انساني قانون جون منظم خلاف ورزيون ناقابل تصور سانحن جو سبب بڻ??ي سگهن ٿيون. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ اهڙي طرح ??ي سانحي کي روڪن جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو پنهنجو غيرقانوني قبضو ختم ڪري ۽ گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري جيڪي ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق کي تسليم ڪن ٿيون.