ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرينڊ مسجد جو دورو ڪيو ۽ مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بي??ن موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ شيخ زيد گرينڊ مسجد جو دورو ڪيو ۽ مرحوم شيخ زيد بن سلطان النهيان جي قبر تي فاتحه خواني ڪئي ۽ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو، مرحوم شيخ زيد جي دانشمنداڻي قيادت دنيا جي مختلف قومن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ڪلچر کي سگهه ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته مرحوم شيخ زيد جا پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان انتهائي ويجها لاڳاپا هئا. نگران وزيراع??م کي ٻڌايو ويو ته شيخ زيد مسجد جو عظيم پيغام گڏيل بقاءَ، ڀائيچاري ۽ ٻين ثقافتن جي لاءِ وڏي دل جي تصور کي اجا??ر ڪري ٿو، اهو پيغام گڏيل عرب امارات جي باني جي شاندار ميراث ک??ن متاثر آهي. نگران وزيراع??م کي اسلامي ثقافت جي حقيقي جوهر کي اجا??ر ڪرڻ ۾ مسجد جي اهم ڪردار بابت ٻڌايو ويو. شيخ زيد گرينڊ مسجد جديد اسلامي فن تعمير جو هڪ شاهڪار نمونو آهي جنهن ۾ 40000 کان وڌيڪ نمازين جي ويه?? جي گنجائش آهي. شيخ زيد مسجد گڏيل عرب امارات جي سڀ کان وڏي ۽ دنيا جي ٽئين وڏي مسجد آهي. مسجد جي دوري دوران پنجاب جو نگران وڏو وزير محسن نقوي ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير فيصل نياز ترمزي پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.