اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان ڀارت جي سپريم ڪورٽ پاران ڀارتي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي حيثيت بابت فيصلي کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا، ان معاملي تي آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير قانونساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪندس. هن اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان معاملي تي آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير قانونساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي طور تي شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان ڀارت جي سپريم ڪورٽ پاران ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ??مون ۽ ڪ??مير جي حيثيت بابت فيصلي کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا، ڄمون ۽ ڪ??مير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪ??مير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪ??ميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي، ڀارت کي ڪشميري عوام جي مرضي ۽ عالمي قانونن ۽ انصاف جي گهرجن جي خلاف ان تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين کان دستبردار نٿو ٿي سگهي، 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم جو مقصد غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ??رڻ آهي، جيڪو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي عوام جي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي پنهنجي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.