اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چ??ن پاڪستا?? اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بابت عوامي راءِ جوڙڻ ۾ ميڊيا جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ميڊيا سي پيڪ جي حقيقي اثرن ۽ امڪانن کي صحيح طريقي سان عوام تائ??ن پهچائيندي تعميري مڪالمي ۾ پنهنجو حصو وجهي، سي پيڪ رڳو بنيادي ڍانچي جو منص??بو نه آهي، سي پيڪ سان پاڪستان جو سماجي ۽ اقتصادي منظرنامو تبديل ٿيو آهي، سي پيڪ تحت 2013ع کان هيستائين 2 ل?? 36 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. ڪامسٽيڪ ۾ اٺين چ??ن پاڪستا?? اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ميڊيا فورم کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ کيس چين ۾ ٿيندڙ سي پيڪ ميڊيا فورم جي چوٿين ايڊيشن ۾ شرڪت جو موقعو مليو، جيڪو چ??ن پاڪستا?? اقتصادي لنگهه بابت پروپئگنڊه کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ مخصوص هو. هن چيو ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ 2014ع ۾ سي پيڪ ميڊيا فورم جي شروعات ڪئي ته جيئن سي پيڪ جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه بابت گهري آگاهي پيدا ڪري سگهجي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ انتهائي مناسب وقت تي آيو جنهن مستقبل بابت پاڪستان جي عوام ۾ اميد، اعتماد ۽ يق??ن پيدا ڪيو. هي منص??بو هاڻي هڪ حقيقت بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ پنهنجي شروعات کانپوءِ کان چ??ن پاڪستا?? اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پاڪستان جو سماجي ۽ اقتصادي منظرنامو تبديل ڪري ڇڏيو آهي، توانائي جي سنگين بحران کي منهن ڏيڻ ۾ سي پيڪ پاڪستان کي مدد فراهم ڪئي. هن چيو ته سي پيڪ کان اڳ پاڪستان کي 2013ع ۾ مختلف چئلينجز درپيش هئا جن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سميت معاشي خسارو شامل هو. هن چيو ته سي پيڪ رڳو بنيادي ڍانچي جو منص??بو نه آهي، ان منصوبي تحت 2013ع کان هيستائين 2 ل?? 36 هزار روزگارجا موقعا پيدا ٿيا، ان منصوبي سان مقامي افرادي قوت کي ترقي جو موقعو مليو جڏهن ته ان منصوبي سان علائقائي فرق جي خاتمي ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي معاشي واڌويجهه کي نمايان طور تي بلند ڪيو ۽ ان ۾ 2 کان 2.5 سيڪڙو سالياني شرح سان اضافو ڪيو. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سي پيڪ جي 17 هزار 45 ميگاواٽ جي وڏي صلاحيت جنهن ۾ هائيڊرو، ونڊ، سولر ۽ ڪوئلي سان بجلي جي پيداوار شامل آهي، ان پائيدار ۽ اعتماد جوڳي توانائي جي فراهمي کي يقيني بڻايو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چ??ن پاڪستا?? اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بابت عوامي راءِ جي جوڙجڪ ۾ ميڊيا جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته پروپئگنڊه عوامي راءِ کي تبديل ڪري ٿي، ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا معلومات جي صحيح فراهمي ۽ غيرجانبداراڻي بيانيي کي ذميواري سان اڳتي ڦهلايو. هن چيو ته اڄ جي معلوماتي دور ۾ سچائي جي محافظ طور ميڊيا جو ڪردار اڳ کان ڪيترائي وڌيڪ اهم آهي. هن چيو ته سي پيڪ نه رڳو اسان جي قوم کي ترقي ڏني پر هڪ روشن، وڌيڪ خوشحال پاڪستان جي لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻجي ويو آهي، ??ڪ خوشحال مستقبل جي لاءِ سي پيڪ جي حقيقي اثرن ۽ امڪانن کي صحيح طريقي سان عوام تائ??ن پهچائڻ ۾ ميڊيا جو تعميري مڪالمي ۾ حصو لازمي آهي.