اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناول نگار، محقق، نقاد ۽ دانشور اسلم رسولپوري جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته مرحوم اسلم رسالپوري جي علمي خدمتن کي وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو، مرحوم سنڌي شاعرن سچل سرمست، بيدل سنڌي ?? حمل لغاري جي سرائيڪي ڪلام جي تدوين جي ذريعي سنڌي ?? سرائيڪي تصوف جي روايتن جي ماخذات جي هم آهنگي کي اجاگر ڪيو ۽ سندس اهو تحقيقي ڪارنامو سدائين ياد رکيو ويندو. مرتضيٰ سولنگي مرحوم اسلم رسالپوري جي وارثن ۽ پونئيرن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ ??عا ڪئي.