اسلام آباد-01 فيبروري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تعليم واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير علي مبارڪ اي اي الخطر ان جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان مطابق مدد علي سنڌي قطري وفد جي آجيان ڪند?? چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي، لساني ۽ عوام هڪٻئي سان محبت ڪن ٿا. مدد علي سنڌي ووڪيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي تسليم ڪيو ۽ ان جي تعريف ڪئي. مدد علي سنڌي است??دن ۽ شاگردن جي گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي آجيان ڪئي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. هن چيو ته جڏهن کان هن وزارت جو عهدو سنڀاليو، است??دن جي تربيت ۽ تعليم جي معيار کي اولين ترجيح ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر کي پنهنجن دوستاڻن لاڳاپن خاص ??ري ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ تحقيق جي مٽاسٽا ۾ واڌ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم جي شعبي کي ڊجيٽلائيز ڪ??ڻ سان اڄ ۽ سڀاڻي جي ڪيترن ئي چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهجي ٿو. هن عوامي تعليم جي شعبي ۾ موجود مسئلن جي ڊجيٽل حل تيار ڪرڻ لاءِ تعليم واري وزارت ذريعي تيار ڪيل اِي تعليم ۽ ٽيلي اسڪول پليٽ فارمز تي روشني وڌي. پاڪستان ۾ جمهوريه قطر جي سفير چيو ته قطر جو عوام پاڪستان سان گهري وابستگي رکي ٿو. هن چيو ته يونيورسٽيءَ سان يونيورسٽي تعاون ۽ ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌائڻ جو رستو آهي. مدد علي سنڌ?? چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڊجيٽل لرننگ پليٽ فارمز جي ترقي تي مهارتن جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته جيئن هڪٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ??ري سگهجي.