گڏيل قومون – 01 آگسٽ (اي پي پي) فلسطيني اڳواڻ جي ايران جي گادي واري شهر تهران ۾ اسرائيل?? حملي ۾ شهيد ٿيڻ بعد گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل هنگامي اجلاس منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اي ايف پي سلامتي ڪونسل جي روسي صدارت جي حوالي سان ٻڌايو ته ايران جي درخواست ۽ روس، چين ۽ الجزائر جي نمائندن ج?? حمايت سان اه?? اجلا?? گهرايو ويو آهي. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سربراهه انتونيوگوتريش ايران ۽ لبنان ت?? حملن جي مذمت ڪندي خطرناڪ اشتعال انگيزي قرار ڏنو. هن چيو ته ڏکڻ بيروت ۽ تهران ۾ جيڪ?? حملا ڏٺا ويا آهن اهي خطرناڪ اشتعال انگيزي کي ظاهر ڪن ٿا، اهڙي وقت ۾ جڏهن سموريون ڪوششون غزه ۾ جنگ بندي ڏانهن ۽ اسرائيلي يرغمالين جي آزادي ڏانهن هجڻ گهرجن.