اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ق??يشي سان يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دور??ن گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت يورپي يونين سان ٻطرفي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود ق??يشي چيو ته پاڪستان، يورپي يونين سان ٻطرفن گهڻ رخي لاڳاپن کي خ??ص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان اقتصادي ترجيحن جي ڏس ۾ يورپي يونين سان اسٽريٽجڪ حصيداري جي اڳئين مرحلي جي گڏيل منصوبن کي جلد عملي جامعو پارائڻ ??ي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام ۾ پاڪستان ۾ مقرر يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا جي ڪردار کي ساراهيو. يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا ساراهه ڪرڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود ق??يشي جا ٿورا مڃيا.