اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خصوصي م??اون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تي ضلعي ڪچهري اسلام آباد ۾ بن??ادي سهولتن جو جائزو ورتو آهي، عدالتن ۾ بن??ادي سهولتن جي کوٽ آهي، ان مشڪل حالتن ۾ ججن جي فرضن جي ادائيگي ۽ وڪيلن جو حوصلو قابل تحسين آهي، دنيا ۾ ڪرپشن جي خلاف ڌرڻا ۽ مارچ ٿيندا رهندا آهن، اسان وٽ سياسي فنڪار ڪرپشن جي تحفظ لاءِ مارچ ڪري رهيا آهن، حڪومت جمهوريت دوست جو ڪردار ادا ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي م??الف ڌر جي ڪرپشن زده چهرن جي ايجنڊا ڏسڻي آهي، مارچ جي جمهوري حق کي عوامي م??ڪلاتن ۾ اضافي لاءِ استعمال کان پاسو ڪيو وڃي، حڪومت معاهدي م??جب مارچ جي راهه ۾ ڪا به رڪ??وٽ نه وڌي، پسند واري جاءِ فراهم ڪئي، جڏهن ته پاڻي، بجلي سميت سموريون سهولتون به فراهم ڪيون، هو ضلعي عدالتن جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.