اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شاگرد تنظيمن جي بحالي لاءِ ٺوس ضابطه اخ??اق جوڙينداسين جنهن جي لاءِ عالمي شهرت رکندڙ يونيورسٽين جي بهترين تجربن کي نظر ۾ رکيو ويندو. وزيراعظم پنهنجي ??وئ??ٽ ۾ چيو آهي ته يونينز م??تقبل جي قيادت ۽ شاگردن جي ڪردارسازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، اسان عالمي شهرت رکندڙ يونيورسٽين جي بهترين تجربن مان فائدو کڻندي هڪ اهڙو ضابطه اخ??اق جوڙينداسين ته جيئن اسان شاگرد تنظيمن کي بحال ڪري سگهون ۽ اهي ملڪ جي مستقبل جي قيادت طور اسان جي نوجوانن کي مثبت انداز ۾ نکاري سگهن.