اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وف??قي حڪومت اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف تفصيلي فيصلي ۾ موت جي صورت ۾ کيس ٽن ڏينهن تائين عوامي جاءِ تي لٽڪائڻ جي پيرا کي ملڪي ۽ شرعي قانونن ۽ عالمي انساني قانونن جي خلاف قرار ڏيندي خاص عدالت جو فيصلو لکندڙ جج جسٽس سيٺ وقار جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف کي ڏنل ??زا جي خلاف اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت طرفان ا??ليٰ عدليه کي درخواست ??ئي وئي آهي ته ڄاڻايل جج کي فوري طور تي ڪم کان روڪيو وڃي، ان اهم معاملي تي وف??قي حڪومت کي شديد خدشا آهن، پيرا 66 تي ٻن ججن ا??تلاف ته ڪيو پوءِ اتفاق راءِ ڪٿي هو؟ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قانون واري وف??قي وزير فروغ نسيم، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق ??عواڻ ۽ وزيراعظم جو احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.