ڪنڊيان/ اسلام آ??اد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته وڻ پوکڻ نبي پاڪ صه جي سنت آهي، پاڪستان جي لاءِ وڻڪاري ڪيتري اهم آهي، نوجوانن ۽ اسان جي ٻارن کي ان جو احساس نه آهي، پاڪستان ۾ ٻيلن کي اکين سان تباهه ٿيندي ڏٺو، ڪنديان جي ٻيلن جو تحفظ مقامي ماڻهن جي ذميواري آهي، پنجاب جو وڏو وزير ٻيلن تي قبضو ڪندڙن کي جيل ۾ وجهي. ڪنڊيان ۾ گرين پاڪستان مهم تحت بهار موسم جي وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطا?? ڪندي وزيراعظم عمران خان چ??و ته اڄ آئون هتي هڪ خاص مقصد جي لاءِ آيو آهيان ڇو ته اسان جي ٻارن ۽ نوجوانن کي ان ڳالهه جو احساس نه آهي ته پاڪستان جي لاءِ وڻڪاري ڪيتري اهميت رکي ٿي.