لاهور / اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ??ائون ئي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لا??ِ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جو واحد حل آهي، ڪورونا جو ڦهلاءُ به روڪڻو آهي ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻو آهي ته جيئن غريب تي بار نه پوي، عوام احتياط نه ڪيو ته مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو، عوام احتياط نه ڪيو ته ان لاءِ وائرس تيزي سان پکڙيو، هاڻي لاڪ ??ائون نه ڪنداسين پر مخصوص ايرياز بند ڪرائينداسين ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ سختي ڪنداسين، عوامي جاين تي ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، عوام جي مٿان آهي ته احتياطي تدبيرن تي ??مل ڪري حالتن کي بگڙڻ کان بچائي، صوبن جا دورا به ڪندس ۽ ڪورونا جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد کي پاڻ مانيٽر ڪندس. هو پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ ڳالهائي ر??يو هو.