اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان پوسٽ کي 45 ڏينهن اندر معذور رٽائرڊ ملازم جي پٽ کي ڀرتي ڪرڻ جي هدايت ??ري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سکر جي رهواسي محم?? شاهد پاڪستان پوسٽ آفيس ڊيپارٽمينٽ طرفان معذور ملازمن جي ڪوٽا تي پٽ جي ڀرتي جي درخواست وڏي عمر جي بهاني رد ڪرڻ تي وفاقي محتسب ۾ شڪايت جمع ??رائي هئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران معمولي غذر تي معاملي کي ڏکيو بڻائڻ ۽ ملازمت نه ڏيڻ تي کاتي جي ڪن مهٽ ڪئي وئي، صدر معاملي کي حل ڪرڻ ۾ غير معمولي دير تي ناراضگي جو اظهار ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هڪ معمولي عذر تي هڪ معذور شخص جي معاملي کي ڏکيو ڪرڻ افسوسناڪ آهي، معذور ماڻهن جي خلاف امتيازي سلوڪ جهڙن نامناسب روين جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، صدر پوسٽ آفيس ڊپارٽمينٽ کي معذور ملازمن جي ٻارن کي ڏنل نوڪ??ين جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.