اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي ر??بطا ڪميٽي (اي سي سي) صنعتي صارفين جي لاءِ بجلي استعمال ڪرڻ جي وقتن جي بنياد تي ٽيرف اسڪيم جي خاتمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقصادي ر??بطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ ا??ڳا??ين وا??ي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري وا??ي وفاقي وزير محمد ميان سومرو، اقتصادي معاملن وا??ي وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ريلوي وا??ي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، واپار وا??ي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، روينيو وا??ي خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور وا??ي خاص معاون تابش گوهر ۽ وزيراعظم جي اداراجاتي سڌارن ??اري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين شرڪت ڪئي.