اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 2020ع عالمي سطح تي مشڪل سا?? رهيو، ڪورونا وائرس جي وبا سڄي دنيا ۾ صحت جي نظام ۽ معيشتن کي لوڏي ڇڏيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان ان چئلينج مان بهترين انداز سا?? سرخرو ٿيو، صحت ۽ معيشت ٻنهي کي اهميت ڏني، سمارٽ لاڪ ڊ??ئو?? جي ڪامياب حڪمت عملي کي عالمي سطح تي پذيرئي ملي، هن چيو ته وزيراعظم جرئتمداڻي فيصلن سا?? معاشي بهتري ۽ ترقي لاءِ صحيح رخ جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. جنوري ۾ تبديلي نئين سا?? جي هوندي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ فيصلائتي جدوجهد جي نئين مرحلن جو آغاز ٿيندو، اسان جي فيصلن ۽ پاليسين جو محور پاڪستان جو عوام آهي، 2020ع ۾ مخالف ڌر کي ان جي غير جمهوري حربن ”ناڪ آئوٽ“ ڪري ڇڏيو. حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ ٺهندڙ اتحاد پنهنجي مفادن، سوچ ۽ بيا??ي جي ور چڙهي ويو.