ساهيوال – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان سان ساهيوال ڊويزن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرينز ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ راءِ محمد مرتضيٰ اقبال، سيد صمصام ع??ي بخاري، ملڪ نعمان احمد لنگڙيال، چوڌري محمد نوريز شڪور، شيخ محمد چوهاڻ، ملڪ فيصل جلال ڍڪو، م??ر ارشاد حسين ڪاٺيا، وحيد اصغر ڊوگر، سيد محمد مظفر کگا، راءِ حسن نواز خان، فيض الله ڪموڪا، شڪيل احمد نيازي، راڻا آفتاب احمد، ??بي??ا اعواڻ، ڊاڪٽر مظهر شيرازي ۽ وسيم رامي شريڪ هئا. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار ۽ پنجاب جو گورنر چوڌري محمد سرور پڻ ملاقات ۾ شريڪ هئا. وفد ساهيوال جو دورو ڪرڻ تي وزير??عظ?? جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ سياسي معاملن، عوامي ڀلائي، ترقياتي منصوبن، خاص طور تي صحت، تعليم جي سهولتن جي فراهمي، زرعي شعبي جي ترقي جي حوالي سان جاري قدمن ۽ مستقبل جي منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ پارليامينٽرينز چيو ته وزيراعظم ع??ران خان جي اسلامي فلاحي رياست جي ويزن جي روشني ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.