اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ اع??ماد جي قرا??دا?? جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم کي اع??ماد جو ووٽ وٺڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن اڳ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. اتحادين وزيراعظم تي اع??ماد جو اظهار ڪيو آهي اها خوش آئنده ڳالهه آهي. اتحادي پارٽيون ڪنهن به حڪومت جي تمام وڏي طاقت هونديون آهن. هن چيو ته اسان گلا شڪوا بند ڪمري ۾ ڪنداسين پر جڏهن به جمهوريت جي ڳالهه ايندي ته توهان اتحادي پارٽين کي پاڻ سان گڏ ڏسندا، وزيراعظم کي اع??ماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته بلوچستان ۽ سنڌ جي پٺتي پيل علائقن طرف ڌيان ڏنو وڃي، چونڊ، عدالتي، پوليس ۽ ايف بي آر سڌارا وقت جي اهم ضرورت آهن، وزيراعظم، مخالف ڌر اڳواڻ سميت سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن جي عزت ۽ توقير ڪئي وڃي ۽ پارليامينٽ کي قاعدن تحت هلايو وڃي ته جيئن هن اداري تي عوام جو اع??ماد بحال ٿئي. هن چيو ته سينيٽ اليڪشن جي اعلان کانپوءِ جيڪو ماحول پيدا ٿيو اسان چاهيو پئي ته اهي اليڪشن صاف ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ مڪينزم ان حوالي سان اختيار ڪيو وڃي ها ته اسان کي عدالتن جو رخ نه ڪرڻو پوي ها نه ئي اها صورتحال درپيش ٿئي ها. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ شفافيت کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي. ميثاق ج??هوريت جي اها ئي گهرج هئي ته شفاف چونڊن جي حوالي سان بل پارليامينٽ مان منظور ٿئي ها.