اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مز??ورن ۽ پورهيتن جي احترام ۽ انهن جي بنيادي حقن جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته مز??ورن جي تحريڪ هر قسم جي فرق ۽ حقن جي پائمالين جي خلاف جدوجهد جي لاءِ مشعل راهه آهي، حڪومت خاص طور تي مز??ورن جي ڀلائي ۽ تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، مز??ور ۽ آجر پيداوار جي عمل ۾ حصيدار آهن ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ انهن جو تعاون لازمي آهي. مز??ورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اسان مز??ورن ۽ پورهيتن جي جدوج??د کي سل??م پيش ڪريون ٿا، ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقي جي لاءِ انهن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.