اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن رياستي ۽ حڪ??مت?? سربراهه ۽ سندن وزير بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويندا آهن ۽ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي. هن اها ڳالهه سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽ ۾ ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن ??يٺ??ن سطح تي عملدار رشوت وٺندا آهن ته ان سان عام شهرين لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا آهن ڇو ته رشوت جو پئسو هڪ طرح سان انهن تي ٽيڪس وانگر آهي پر جڏهن رياستي ۽ حڪ??مت?? سربراهه ۽ سندس وزير بدعنوان هوندا آهن ته ملڪ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاسجي ويندا آهن ۽ انهن جو ڏيوالو نڪري ويندو آهي، ??زيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن جو تازو ”ميمورنڊم آن ايسٽبلشنگ دي فائيٽ اگينسٽ اينٽي ڪرپشن از اي ڪوريونائٽڊ اسٽيٽيس نيشنل سيڪيورٽي انٽرسٽ“ جو اقتباس به شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ صدر جوبائيڊن پنهنجي سينئر آفيسرن کي طرز حڪمراني ۾ بهتري، ??اجائز م??ليات جي سمورن صورتن جو مقابلو ڪرڻ، بدعنوان عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ڪرپشن جي تدارڪ لاءِ ملڪي ۽ عالمي قومي ادارن جي صلاحيت ۾ بهتري لاءِ مختلف ايجنسين ۽ ادارن جو جائزه عمل اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.