مظفر آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو ٻنهي ملڪن جي خوشحالي خاطر پاڪس??ان طرف پنهنجو ظالماڻو ۽ هٺ ڌرمي تي ٻڌل رويو ترڪ ڪري ڇڏي، هر سازش کانپوءِ پاڪس??ان پهرين کان وڌيڪ مضبوط بڻجي اڀرندو، ڀارت پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان حل طلب تڪرارن جي حل بدران ڇڪتاڻ جاري رکي ته ان سان غربت ۽ پسماندگي جهڙن ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڀارت اهو سمجهي ٿو ته هو پاڪس??ان کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهي ٿو ته هو تمام وڏي غلطي فهمي ۾ مبتلا ??هي?? ڪشمير تي اسان جو موقف تبديل نه ٿيندو، پاڪس??ان ڀارت سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ڪندو جيستائين هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال نٿو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد مهاجر ڪيمپ ٺوٺا ۾ پناهگيرن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، پارلياماني سيڪريٽري ثوبيه ڪمال به خطاب ڪيو جڏهن ته قومي اسيمبلي ميمبرن ڊاڪٽر نوشين، رخسانه نويد، ظل هما، غزاله سيفي، آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري شڪيل قادر خان، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو فياض علي عباسي، اطلاعات وارو سيڪريٽري مدحت شهزاد، آءِ جي پوليس سهيل حبيب تاجڪ ۽ ٻيا به موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني عوم جون دليون ڪشمير سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، جيستائين ڪشمير آزاد نه ٿيندو تيستائين اسان سک سان نه ويهنداسين. ڪش??ير??ن جي جدوجهد دهشتگردي نه پر آزاد ۽ عوامي راءِ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ??هي?? گڏيل قومن به غاصب ۽ ظالم جي خلاف آزادي جي تحريڪن جي اجازت ڏي ٿو. پاڪس??ان جي ڪوشش آهي ته امن جي ذريعي ڪشمير مسئلي جو حل ٿئي جڏهن ته هندس??ان جنگ جي ڪوشش ڪندو آهي پر ان کي خبردار ڪريون ٿا ته ايئن سوچي به نه، بالاڪوٽ وارو واقعو سڀني کي ياد ??هي?? هن چيو ته هندس??ان پنهنجي تاريخ مٽائي ڪوڙ تي ٻڌل تاريخ لکڻ چاهي ٿو پر تاريخ ڪڏهن به ناهي مٽجندي، هندس??ان جي غلط فهمي آهي ته ڪش??ير?? ڪمزور ٿي ويندا، آزادي جو جذبو دلين ۾ هوندو آهي ۽ اهو جذبو صدين تائين ختم نٿو ٿي سگهي. صدر چيو ته پاڪس??ان طاقت کي مسئلي جو حل نٿو سمجهي پر ان جي باوجود پاڪس??ان تي ٽي جنگيون مڙهيون ويون، هندس??ان ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا جي ذريعي پاڪس??ان کي بدنام ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو ??هي?? هو جيڪو مرضي ڪري وٺي ڪش??ير??ن جي جذبي کي ختم نٿو ڪير سگهي، ان ۾ ايتري جرئت نه آهي جو اسان جو مقابلو ڪري سگهي، هن چيو ته ڀارت جي حڪومت جو تعصب آر ايس ايس ۽ هندو توا جي عڪاسي ڪري ٿو ڀارت والاريل ڪشمير جي ڊيمو گرافي تبديل ڪري رهي آهي ته جئين هو اتي هندوئن جي اڪثريت ثابت ڪري سگهي. صدر چيو ته ڪش??ير??ن جي سفير عمران خان دنيا کي هندس??ان جي اصليت ڏيکاري ??هي?? ڪش??ير??ن جي جدوجهد 1947ع کان به پهرين جي ??هي?? 1989ع کانپوءِ هڪ لک کان وڌيڪ ڪش??ير?? شهيد ٿي چڪا آهن، 20 هزار ڪش??ير?? عورتون بيواهه ٿيون، هڪ لک 8 هزار ڪش??ير?? ٻار يتيم ٿيا، 12 هزار ڪش??ير?? مائرن ڀينرن جي عزت لٽي وئي، هن چيو ته پاڪستاني فوج دنيا جي ڪامياب ترين فوج ??هي?? پاڪ فوج جنهن انداز سان ان خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪيون آهن اهڙا مثال نٿا ملن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جڏهن پاڪس??ان ٺهيو ته ان وقت طئي ڪيو ويو ته مسلم اڪثريتي علائقا پاڪس??ان جڏهن ته هندو اڪثريتي علائقا هندس??ان ۾ شامل ٿيندا، ان وقت ڪشمير جي خلاف سازش ڪئي وئي ته ڪش??ير??ن پنهنجي خودمختياري واري حق لاءِ جهاد شروع ڪيو ته هنددس??ان گڏيل قومن ۾ هليو ويو ۽ گڏيل قومن ۾ هندس??ان جي ان وقت دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ڪش??ير??ن جي خودمختياري واري حق کي تسليم ڪيو پر ان جي نيت خراب هئي، هن چيو ته عمران خان ۽ پاڪس??ان تحريڪ انصاف جو خواب هو ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿئي، اسان امن چاهيون ٿا جنهن کي غلط سمجهيو ويو. هن چيو ته هندس??ان پنهنجي قوم سان ڪوڙ ڳالهائي ۽ بيوقوف بڻائي دوکو ڏيندو ??هي?? هندس??ان جا قدم آر ايس ايس ۽ هندو توا جي 100 سال پراڻي ڪهاڻي جا عڪاس آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيستائين ڪشمير جو مسئلو حل نٿو ٿئي تيستائين ڪش??ير??ن سان گڏ بيٺل آهيون.