گڏي قومون – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان زور ڏنو آهي ته افغانستان جي انساني صورتحال سنگين آهي ان ڪري ??ين الاقوامي برادري نئين تبديلي تي متفقا نظريو اختيار ڪري ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي ۾ مدد ڪري ڇو جو مسابق??ي ۽ غير متفقا نظريي سان افغانستان ۽ سموري ??طي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ خوشحالي جي موقعن کي نقصان پهچندو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نم??ئندي منير اڪرم گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ افعانستان جي صورتحال تي بحث دوران آئرلينڊ جيڪو سيپٽمبر جي مهيني لاءِ سلامتي ڪائونسل جو صدر آهي، جو ٿورو مڃيو جنهن افغانستان جي صورتحال تي پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي شرڪت کي يقيني بڻايو آهي جڏهن ته ان جي ابتڙآگسٽ ۾ ڀارت سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران افغانستان تي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ پاڪستان جي شرڪت جون درخواستون رد ڪيون هيون. پاڪستاني نم??ئندي منير اڪرم چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا، ڇڪتاڻ ۽ ماضي جي حڪومتن جي ناڪامي ۽ ڪرپشن سبب افغانستان ۾ انساني صورتحال خوفناڪ آهي جتي هڪ ڪروڙ 80 لک ماڻهن کي فوري مدد جي ضرورت آهي ان ڪري ??سانکي افعانستان جي صورتحال کي وڌيڪ بدترين ٿيڻ کان روڪڻو پوندو جنهن سان پناهگيرن جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ا??ن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ کي ڏکيو بڻائي سگهي ٿو. هن ان سلسلي ۾ افغانستان ۾ گڏيل قومن جي امدادي مشن جي سربراهه ۽ گڏيل قومن جي خاص نم??ئندي ڊيبواليونز جي ان مطالبي جي حمايت ڪئي جنهن ۾ هن افغانستان لاءِ ان جي مالي وسيلن تائين پهچ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستاني نم??ئندي چيو ته مالي وسيلن تائين پهچ افغانستان ۾ معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ضروري ??هي. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيوگوتريش جي 13 سيپٽمبر تي جينوا ۾ بين الاقوامي امدادي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي قدم جي پڻ ساراهيندي زور ڏنو ته عالمي برادري ??ل کولي امداد ڪري ڇو جو ا??غانستان اڄ پنهنجي تاريخ جي نازڪ موڙ تي بيٺو آهي ۽ افغان عوام بين الاقوامي برادري ??ي سهڪار سان امن جي بحالي ۽ ترقي جي امڪانن کي زنده ڪري ??گهي ٿو.