اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جون قيمتون ها??ي به خطي ۾ سڀ کان گهٽ ??هن، 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ چڱ?? چوکو اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون ها??ي به خطي ۾ سڀني کان گهٽ ??هن، يا ته ٽن سالن ۾ تيل جا کوهه نڪري اچن ها ٻي صورت ۾ ظاهر آهي ته جڏهن تيل ٻاهران خريد ڪرڻو آهي ته قيمتون وڌنديون، اهو ئي اصول باقي آمدني واپار لاءِ آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته اصل ڪاميابي اها آهي ته 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ به خاطر خواه اضافو ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي خريداري جي قوت هندستان کان بهتر آهي، پگهاردار طبقي جون مشڪلاتون پنهنجي جاءِ تي پر 60 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي، جنهن کي 11 سئو ارب روپيا اضافي آمدني ٿي، هن چيو ته تعميرات ۽ انڊسٽريز سان لاڳاپيل ڪروڙين ماڻهن جي آمدني ۾ به اضافو ٿيو. مستري ۽ مزدور جي ڏيهاڙي ٽيڻ تي وڌي.