اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عيد مي??اد??لنبي ﷺ جو شاندار جشن ملهايو ويندو ج??هن ۾ پوري قوم ڀرپور شرڪت ڪندي. ربيع الاول اهو مبارڪ مهينو آهي جنهن ۾ اسان جا نبي حضرت محمد ﷺ دنيا ۾ آيا، هي برڪتن وارو مهينو آهي، هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي حبيب ﷺ کي هن دنيا ۾ موڪليو هو. عيد مي??اد??لنبي ﷺ جي حوالي سان پنهنجي خصوصي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي حبيب حضرت محمد ﷺ کي رحمت اللعالمين جو خصوصي خطاب ڏنو، حضور نبي ڪريم ﷺ دنيا جي تاريخ جا سڀ کان وڏا ليڊر رهيا آهن. هن چيو ته ليڊر جي سڀ کان وڏي خاصيت اها هوندي آهي ته اهو ماڻهن کي گڏ ڪندو آهي. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته عيد مي??اد??نب?? ﷺ ۾ سڀ ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪن، هلندڙ سال ربيع الاو ج?? مهيني ۾ اسان کي اهڙو جشن ملهائڻ گهرجي جيڪو اسان جي قومي تاريخ جو سڀ کان شاندار جشن هجي ته جيئن واضح ٿئي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن عيد مي??اد??لنبي ﷺ جو اهڙو جشن نه ملهايو. وزيراعظم عمران خان قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ عوام، ميڊيا، اقليتن سميت پوري قوم کي جشن عيد مي??اد??لنبي ﷺ ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏ??ي. هن چيو ته دنيا ڏسندي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ان کان اڳ اهڙي طرح جو عيد مي??اد??لنبي ﷺ جو جشن اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ملهايو ويو.