اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي تيز رفتاري سان گامزن ڪرڻ جي لاءِ تعليم يا??ته عورتن جي انگ ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته حڪومت عورتن جي تعليم سان گڏوگڏ انه?? کي هنرمند بڻائڻ تي پڻ ڌيان ڏئي رهي آ??ي ته جيئن انهن جي مالي شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ لينگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج چترال جي پرنسپل ڪيري شوفيلڊ جي قيادت ۾ شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته مل کي وڌ کان وڌ تعليم يا??ته عورتن جي ضرورت آ??ي ته جيئن اهي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته عورت?? کي ڪامياب جوان پروگرام ذريعي آسان شرطن ۽ ضابطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري انه?? کي مالياتي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن اهي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪري سگهن. صدر تعليم جي ميدان ۾ لينگ لينڊز اسڪول اينڊ ڪاليج جي ڪردار کي ساراهيو جنهن ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ ڪيترائي تعليمي ماهر ۽ پروفيشنلز پيدا ڪيا آهن. هن ڪاليج جي انتظاميا خاص طور تي ان جي پرنسپل ڪيري شوفيلڊ جي ڪوششن ۽ خدمت?? کي پڻ ساراهيو جنهن چترال جي ماڻه?? کي تعليمي معيار بلند ڪرڻ ۽ معياري تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ محنت سان ڪم ڪيو.